KTN News

ڀارت جي شهر هريانا ۾ زلزلي جا لوڏا، ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس

ڀارَت جي هريانا جي ضلعي سوني پت ۾ گذريل رات آيل زلزلي سبب ڊپ ۽ دهشت پکڙجي وئي۔

غير ملڪي ميڊيا جي رپورٽن مطابق، هرياڻه جي ضلعي سوني پت ۾ رات جو لڳ ڀڳ هڪ وڳي 47 منٽن تي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جن جي شدت ريڪٽر اسڪيلي تي 3.4 ريڪارڊ ڪئي وئي۔ زلزلي جو مرڪز به سوني پت ئي هو، تنهنڪري لوڏا چٽيءَ طرح محسوس ٿيا۔

رپورٽن موجب، زلزلي سبب ماڻهو ننڊ مان جاڳي پيا ۽ گهبراهٽ ۾ پنهنجن گهرن مان ٻاهر نڪري آيا۔ بهرحال، اهي لوڏا معمولي نوعيت جا هئا، تنهنڪري ڪابه جاني يا مالي نقصان جي ڪا اطلاع ناهي ملي۔

ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙي سطح جا زلزلا عام طور تي وڏو خطرو ناهن ٿيندا، پر ماڻهو ڊڄي پون ٿا۔

واضح رهي ته جولاءِ مهيني ۾ به هرياڻه ۾ 3.3 شدت جو زلزلو آيو هو، جنهن جو مرڪز روهتڪ جي ويجهو هو۔ گذريل ڪجهه مهينن دوران رياست جي مختلف علائقن ۾ ڪيترائي ڀيرا زلزلا اچي چڪا آهن، جن جا اثر اڪثر دهلي-اين سي آر (NCR) تائين به پهتا آهن، ڇاڪاڻ⁠تہ اهو علائقو زلزلي جي خطري واري زون ۾ اچي ٿو۔

ماهرن جي مطابق، دهلي-اين سي آر جو علائقو سسيمڪ زون 4 ۾ شامل آهي، جيڪو وچولي کان وڏي خطري واري زلزلي جي زون طور سڃاتو وڃي ٿو۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube