KTN News

ڀارتي سينئر اداڪار ستيش شاه74 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو

ڀارتي فلم انڊسٽري جي مشهور ۽ سينئر اداڪار ستيش شاه 74 سالن جي عمر ۾ دنيا کي الوداع ڪري ويا. فلمساز اشوك پنڊت موجب ستيش شاه جي وفات گردن جي ناڪامي سبب ٿي.

تفصيلن موجب، اشوك پنڊت پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي اداڪار جي تصوير ۽ وڊيو شيئر ڪندي افسوسناڪ خبر ڏني. وڊيو پيغام ۾ اشوك پنڊت چيو ته: “مان انتهائي افسوس سان اطلاع ڏئي رهيو آهيان ته اسان جا دوست، شاندار اداڪار ستيش شاه هاڻي هن دنيا ۾ نه رهيا. انهن کي گهر ۾ بيماري سبب اسپتال وٺي ويو ويو، پر اهي زنده نه رهي سگهيا. انهن جي لاش کي جلد باندره ۾ واقع رهائشگاهه تي منتقل ڪيو ويندو.”

هن وڌيڪ چيو ته ستيش شاه جو انتقال ڀارتي فلم انڊسٽري لاءِ وڏو نقصان آهي. مون انهن سان گهڻو ڪم ڪيو آهي. اهي صرف بهترين اداڪار نه پر هڪ نهايت شاندار انسان پڻ هئا.

ستي ش شاه پنهنجي فنّي ڪيريئر ۾ “جانے بھی دو یارو”، “سارابھائي ورسز سارابھائي”، “میں ہوں نا” ۽ “اوم شانتي اوم” سميت ڪيترين مشهور فلمن ۽ ڊرامن ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيا.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube