KTN News

ڀارتي جارحيت جو فيصلائتو جواب ڏنو ويندو، ’نيو نارمل‘ جو مقابلو نئين، تيز ۽ اثرائتي جوابي نارمل سان ڪيو ويندو: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس چيو آهي ته ڀارت جي ڪنهن به جارحيت جو فوري ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو ۽ ڪنهن به “نئين نارمل” جو مقابلو هڪ نئين، تيز ۽ مؤثر جوابي نارمل سان ڪيو ويندو.

پاڪ فوج جي شعبه تعلقاتِ عامه (آءِ ايس پي آر) مطابق، چيِف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ 272 هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڀارتي سرپرستي وارن دهشتگرد حمَلن جي شهيدن لاءِ فاتحو پڙهي وئي.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آرمي چيف غيرملڪي اسپانسرڊ دهشتگردن خلاف جنگ ۾ پاک فوج جي جوانن جي جذبن، عزم ۽ همت کي ساراهيو ۽ سيلابي صورتحال ۾ امدادي ۽ بحالي سرگرمين ۾ پاک فوج جي ڪردار تي خراجِ تحسین پيش ڪيو.

آءِ ايس پي آر مطابق فورم دهشتگردي خلاف آپريشنز، اُڀرندڙ خطرا ۽ آپريشنل تياري جو جامع جائزو ورتو ۽ فورم چيو ته پاک فوج ملڪ جي دشمنن جي سڀني مذموم عزائم کي هر ميدان ۾ ناڪام بڻائڻ لاءِ هميشه تيار آهي؛ مخصوص سياسي سرپرستي ۾ دهشتگردي ۽ جرمن جو ڳٺ جوڙ رياست ۽ عوام جي مفادن کي نقصان پهچائي رهيو آهي ۽ اهڙي مخصوص سياسي سرپرستي ۾ دهشتگردي ۽ جرم جو ڳٺ جوڙ وڌيڪ برداشت نه ڪيو ويندو.

فورم ڀارتي سياسي ۽ عسڪري قيادت جي تازن غيرذميوارانه ۽ اشتعال انگيز بيانن تي شديد خدشو ظاهر ڪيو ۽ چيو ته اهي بيان ڀارت جي پراڻي عادت آھن ۽ سياسي مفادن لاءِ جنگي جنون پيدا ڪرڻ جو تسلسل آھن؛ اهڙا بيان علائقي ۾ تنگي وڌائڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا ۽ امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو پيدا ڪري سگھن ٿا۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube