توشا خانا ٽو ڪيس جِي ٻُڌڻي اڊيالا جيل ۾ ٿي، باني پي ٽي آءِ ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي کي عدالتي ڪمري ۾ پيش ڪيو ويو.
ٻڌڻي جَي موقعي تي پراسيڪيوشن طرفان ڪيس جي آخري ٻِن شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرايا، شاهدن ۾ نيب جو جاچ آفيسر محسن هارون ۽ ايف آءِ اي جو جاچ آفيسر شاهد پرويز شامل هئا.
توشا خانا ٽو ڪيس ۾ مجموعي طور 20 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرايا ويا آهن، جڏهن ته 18 ڄڻن کان آڏي پڇا مڪمل ڪئي وئي آهي.
عدالت توشا خانا ٽو ڪيس جِي وڌيڪ ٻُڌڻي 24 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي….