پيپلزپارٽي، پنجاب ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي سياست ڪرڻ بابت وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جا الزام رد ڪري ڇڏيا، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي

ته مريم نواز جو احترام آهي پر سندس جملا سخت هئا، سياسي تنقيد سوچي سمجهي ڪرڻ گهرجي، بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثرن لاءِ عالمي برادري کي اپيل ڪرڻ جـِي درخواست ڪنهن صوبي نه پر وفاقي حڪومت کي ڪئي هئي، اسان جڏهن به وزيراعظم جي تعريف ڪندا آهيون خبر ناهي پنجاب حڪومت کي ڇو تڪليف ٿيندي آهي، وزيراعظم2022 ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ عالمي برادري کي اپيل ڪري چڪو آهي، وزيراعظم خوددار ۽ باعزت شخص آهي، عالمي برادري کي اپيل ڪرڻ واري شخص تي تنقيد سمجهه کان ٻاهر آهي، بلاول ڀٽو جي پاليسي تي سنڌ حڪومت عملدرآمد ڪندي،25 ايڪڙ تائين جي ننڍن آبادگارن کي پئڪيج ڏنو ويندو….