حڪومت پاران پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا 66 پئسا في لٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 263 رپيا 2 پئسا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي۔
هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 1 رپيو 39 پئسا في لٽر گهٽايو ويو آهي، جنهن کان پوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 275 رپيا 41 پئسا ٿي وئي آهي۔
لائيٽ ڊيزل 2 رپيا 75 پئسا سستو ٿي 162 رپيا 76 پئسا في لٽر مقرر ڪيو ويو آهي۔
مٽي جي تيل جي قيمت ۾ به 3 رپيا 26 پئسا في لٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ نئين قيمت 181 رپيا 71 پئسا في لٽر ٿي وئي آهي۔
واضح رهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اها گهٽتائي اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندي۔
حڪومت پاران هر 15 ڏينهن ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي ڪئي ويندي آهي، ۽ موجوده قيمتون 31 آڪٽوبر تائين برقرار رهنديون۔




