ڪوٽ لالو پوليس پاران ٽن ڄڻن کي مبينا پوليس مقابلي ۾ مارڻ واري واقعي بعد ايس ايڇ او ڪوٽ لالو کي معطل ڪيو ويو، ٽن ڄڻن جي مارجي وڃڻ واري واقعي خلاف فيض گنج جي مهراڻ هاءِ وي تي لڳل ڌرڻو ٻئي ڏينهن به جاري آهي.
ڊي آءِ جي سکر ٽن ڄڻن کي مقابلو ڄاڻائي مارڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪوٽ لالو ٿاڻي جي ايس ايڇ او نور الدين کونهارو کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.
مارجي ويلن جي وارثن پاران فيض گنج ۾ گذريل ڏينهن کان مهراڻ هاءِ وي تي لڳل ڌرڻو ٻئي ڏينهن به جاري آهي.
شھري اتحاد جي سڏ تي پڪاچانگ، ڪوٽ لالو، ڪرونڊي ۽ اڪري ۾ شٽر بند هڙتال ڪري مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو آهي.
اڳواڻن چيو ته نوجوانن کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، پر ملوث اهلڪارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڪوڙي مقابلي جي ذميوار ايس ايڇ او ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائيءَ ڪئي وڃي.




