پوليس باني پي ٽي آءِ جي ڀيڻ عليمه خان کان وارنٽ گرفتاري جي تعميل ڪرائي ڏني۔
ڊي ايس پي اظهر شاهه فيڪٽري ناڪي تي پهچي وارنٽ جي تعميل ڪرائي۔
باني پي ٽي آءِ جي ڀيڻ عليمه خان وارنٽ تي دستخط ڪري هڪ ڪاپي وصول ڪري ورتي۔
انسداد دهشتگردي عدالت راولپنڊي طرفان مسلسل غير حاضري سبب عليمه خان جا ناقابل ضمانت وارنٽ گرفتاري جاري ڪيل آهن.”




