KTN News

پنڊي ٽيسٽ: پاڪستان ٽاس کٽي ڏکڻ آفريڪا خلاف بيٽنگ جو فيصلو، 39 ورهين جو آصف آفريدي جو ڊيبيو

پاڪستان پاران ڏکڻ آفريڪا خلاف ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ۾ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو

راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ پاڪستان جي ڪپتان شان مسعود ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

قومي ٽيم جي ڪپتان شان مسعود جو چوڻ هو ته اڄ جي ميچ لاءِ ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي، ٽيم ۾ آصف آفريدي کي شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حسن علي کي آرام ڏنو ويو آهي.

پاڪستان طرفان آصف آفريدي ٽيسٽ ڊيبيو ڪندا، شاهين آفريدي آصف آفريدي کي ٽيسٽ ڪيپ ڏني. آصف آفريدي 39 سال 299 ڏينهن جي عمر ۾ ٽيسٽ ڊيبيو ڪيو.

ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان ايڊن مارڪرم جو چوڻ هو ته جيڪڏھن اسان ٽاس کٽيون ها ته به بيٽنگ جو ئي فيصلو ڪيون ها. پنڊي ٽيسٽ لاءِ ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون آهن، ڪيشو مهاراج ۽ مارڪو جينسن کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان کي هڪ-صفر جي برتري حاصل آهي. پاڪستان لاهور ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 93 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube