پنجاب جي وڏي وزير جي حڪم کان پوءِ هاڻي اورنج لائين ٽرين، ميٽرو بس سروس، اسپيڊو بس جي مسافرن کي ٽڪيٽون خريد ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي.
گرين اليڪٽرو بس ۾ سفر ڪندي به شهرين کي ٽڪيٽون خريد ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي.
پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز هارين کي في ايڪڙ ڊيزل تي 100 رپيا في ايڪڙ سبسڊي ڏيڻ جو به اعلان ڪيو آهي.
مريم نواز چيو ته ڏکين حالتن ۾ عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، غير معمولي حالتن ۾ شهري ذاتي گاڏين جي بدران پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪن.
هن چيو ته جنگ جي نتيجي ۾ دنيا عالمي معاشي بحران جو شڪار آهي، جيئن ئي صورتحال بهتر ٿيندي ته عوام معاشي بار کان آزاد ٿي ويندا.
هڪ مهيني ۾ اربين رپين جو رليف فراهم ڪري وزيراعظم عوام کي مشڪلاتن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف بدترين معاشي صورتحال ۾ عوام کي رليف ڏنو.




