سابق انگلش ڪپتان ناصر حسين به آءِ سي سي جي ٻٽي معيار خلاف آواز اٿاري آهي۔
ناصر حسين چيو ته جيڪڏهن بنگلاديش بدران ڀارت وينيو تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ها ته آءِ سي سي ڇا ڪري ها؟ ڇا آءِ سي سي ڀارت کي به ايونٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏي ها؟ آءِ سي سي کي بنگلاديش ۽ پاڪستان سان به ڀارت وانگر برابري جو ورتاءُ ڪرڻ گهرجي۔
سابق انگلش ڪپتان جو چوڻ هو ته بنگلاديش پنهنجي موقف تي قائم آهي، هنن پنهنجي رانديگر لاءِ آواز اٿاريو، پاڪستان بنگلاديش جو ساٿ ڏئي سٺو ڪم ڪيو۔ ڪنهن نه ڪنهن کي بيهي اهو ضرور چوڻ گهرجي ته سياست گهڻي ٿي وئي آهي، هاڻي اچو ته ڪرڪيٽ کيڏيون۔
ناصر حسين وڌيڪ چيو ته ڀارت سياسي دٻاءَ سبب اوچتو مستفيض کي ٽيم کان ٻاهر ڪيو، جنهن سان ڪرڪيٽ ۾ سياست اچي وئي آهي۔ ڪڏهن هٿ نٿا ملائين، ڪڏهن ٽرافي نٿا وٺن۔ جيڪڏهن پاڪستان ۽ بنگلاديش تي دٻاءُ وڌو ويو ته ڪرڪيٽ تباهه ٿي ويندي۔ پاڪستان ايتريون پابنديون هوندي به ايتري سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي۔




