KTN News

پاڪستان نيوي پاران اينٽي شپ بيلسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو

پاک بحريه اينٽي شپ بيلسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي۔

آءِ ايس پي آر موجب اينٽي شپ بيلسٽڪ ميزائل پاڪستان ۾ ئي تيار ڪيو ويو آهي۔

آءِ ايس پي آر مطابق اينٽي شپ بيلسٽڪ ميزائل سمنڊ ۽ زميني هدفن کي وڏي درستگي سان نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو۔

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اينٽي شپ بيلسٽڪ ميزائل شاندار گائيڊنس ۽ اهم خاصيتن جو حامل آهي

آءِ ايس پي آر موجب، آزمائشي پرواز کي نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف ۽ سينئر سائنسدانن ۽ انجنيئرن ڏٺو.

آءِ ايس پي آر چيو ته ڪامياب تجربو پاڪستان جي ٽيڪنيڪل مهارت ۽ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ پاڪستان نيوي جي پختي عزم جو ثبوت آهي.

آءِ ايس پي آر موجب، صدر، وزيراعظم، فيلڊ مارشل ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ڪامياب تجربي تي حصو وٺندڙ يونٽن ۽ سائنسدانن کي مبارڪباد ڏني.

سروسز چيفس پڻ حصو وٺندڙ يونٽن ۽ سائنسدانن کي اهم ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube