پاک-افغان جنگبندي جي معاهدي کي پاڪستان جي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو ويو آهي، هي معاهدو اصل ۾ پاڪستان جي واضح ۽ غير مبهم مطالبي جي کٽ آهي۔
پاڪستان جي واضح ۽ غير مبهم موقف جي کٽ ٿي، جنهن تحت افغانستان کان دهشتگردن جي حمايت ۽ سهولتڪاري ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو۔ پاڪستان پنهنجي طاقت واري پوزيشن تان ڳالهين ڪري معاهدو ڪيو۔
هي معاهدو پاڪستاني فوج پاران زميني سطح تي سخت سبق سيکارڻ کانپوءِ عمل ۾ آيو، حقيقت ۾ افغانستان وٽ ڪو به خاص مطالبو نه هو، رڳو پاڪستان جو موقف قبول ڪيو ويو ۽ ان تي عملدرآمد ٿيو۔
معاهدي تحت پاڪستاني سرزمين تي افغانستان کان ٿيندڙ دهشتگردي فوري طور بند ڪئي ويندي۔ استنبول ۾ 25 آڪٽوبر تي ٻيهر ٻنهي ملڪن جي وفدن جي ملاقات طئي ٿيل آهي، جنهن ۾ معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي۔
هن معاهدي سان ڀارت کي سڀ کان وڌيڪ مايوسي ٿي آهي، ۽ ڀارتي سازشون ناڪام ٿي ويون آهن۔
واضح رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ دوحه ۾ ٿيندڙ 13 ڪلاڪن جي ڊگهي ڳالهين ڪاميابي سان مڪمل ٿيون، جن جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن فوري جنگبندي تي اتفاق ڪيو۔




