KTN News

پاک-ڀارت جنگ ۾ 7 جهاز ڪيرايا ويا هئا، ٽرمپ ٻيهر مودي سرڪار کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو۔


آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر تازو تڪرار ۾ پاڪستان جي هٿان ڀارت جا 7 جهاز ڪِرڻ جو ذڪر ڪيو آهي۔

آمريڪي صدر اوول آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته: “مان اڃا تائين 8 جنگيون رُڪرايون آهن۔ ڀارت ۽ پاڪستان ايٽمي جنگ جي تمام ويجهو هئا، پاڪستان ڀارت جنگ ۾ 7 جهاز ڪيرايا ويا هئا۔”

صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف مون کي چيو ته: “توهان لکين زندگيون بچايون آهن۔”

ٽرمپ چيو ته پاڪستاني وزيراعظم جو اشارو ان ممڪن ايٽمي جنگ ڏانهن هو، جيڪا ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٿيڻ واري هئي۔


Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube