ٽي 20 ورلڊ ڪپ ايندڙ سال 7 فيبروري کان 8 مارچ تائين شيڊول ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هندستان ۽ سريلنڪا گڏيل طور تي ميگا ايونٽ جي ميزباني ڪري رهيا آهن. مداح اڄ کان ميچن لاءِ آن لائن ٽڪيٽون بڪ ڪري سگهن ٿا.
ميگا ايونٽ جا ميچ 8 گرائونڊز ۾ کيڏيا ويندا، جن ۾ هندستان جا 5 اسٽيڊيم ۽ سريلنڪا جا 3 شامل آهن. دهلي، ڪولڪتا، چنائي، احمد آباد ۽ ممبئي ڀارت ۾ ميچن جي ميزباني ڪندا، جڏهن ته سريلنڪا ڪولمبو ۽ ڪينڊي جي ٻن اسٽيڊيمز ۾ ميچون ٿينديون.
آءِ سي سي موجب، 20 ٽيمن کي 4 گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. گروپ اي ۾ پاڪستان، هندستان، آمريڪا، نميبيا ۽ هالينڊ شامل آهن. افتتاحي ميچ 7 فيبروري تي پاڪستان ۽ هالينڊ جي وچ ۾ ٿيندو.
پاڪستاني ٽيم پنهنجا سڀئي ميچ سريلنڪا ۾ کيڏندي. ميگا ايونٽ 7 فيبروري کان 8 مارچ 2026 تائين جاري رهندو. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ وڏو مقابلو 15 فيبروري تي ڪولمبو ۾ شيڊول آهي. افتتاحي ڏينهن تي ٽي ميچ کيڏيا ويندا.




