KTN News

ٽينس اسٽار اعصام الحق انٽرنيشنل ڪيريئر تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پاڪستان جي مشهور ٽينس اسٽار اعصام الحق پيشيور ٽينس مان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

اعصام الحق پاڪستان ٽينس فيڊريشن (پي ٽي ايف) ڪمپليڪس ۾ منعقد ملڪ جي پهرين اي ٽي پي چئلينجر ٽورنامينٽ جي افتتاحي تقريب ۾ پنهنجي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.

پنهنجي الوداعي تقرير ۾، اعصام پنهنجي شروعاتي ڪيريئر جي چئلينجن کي ياد ڪيو ۽ پنهنجي خاندان، بشمول پنهنجي والدين، جو خاص شڪريو ادا ڪيو، جن جي مسلسل حوصلا افزائي ۽ مدد سندس ڪاميابي جو مکيه سبب هئي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube