KTN News

ٽنڊوالهيار ۾ منشيات فروشن جي سهولتڪاري ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي

 ٽنڊوالهيار ۾ منشيات فروشن جي سهولتڪاري ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري 40 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي

ان حوالي سان ايس ايس پي سليم شاهه جو چوڻ آهي ته منشيات فروشن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ تي ڊي آءِ بي برانچ بند ڪري سڄي ضلعي مان 40 کان وڌيڪ اهلڪارن کي معطل ڪري بيلٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

ايس ايس پي موجب سمورن معطل ٿيندڙ اهلڪارن خلاف شڪايتون مليل هيون، جنهن بعد سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي

معطل ٿيلن ۾ لياقت، عامر، فياض سجاد، آصف، اڪبر، رمضان، جميل، جلال، واجد ۽ ٻيا شامل آهن، سندن خلاف ڊپارٽمينٽل ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو آهي……….

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube