ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٽماٽن جي قيمتن ۾ غيرمعمولي واڌ ٿي وئي آهي۔
شهر قائد ۾ ٽماٽو مرغ جي گوشت کان به مهانگو ٿي ويو آهي۔ شهر جي مختلف علائقن ۾ ٽماٽو 500 کان 700 رپيا في ڪلو وڪري لاءِ موجود آهي۔ سرڪاري نرخ مطابق ٽماٽن جي قيمت 322 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي۔
فيڊرل بي ايريا ۾ ٽماٽو 650 رپيا في ڪلو ۽ گلشن اقبال، برنس روڊ تي ٽماٽو 700 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي۔
شهيد بينظير آباد جي تحصيل سکرنڊ ۾ ٽماٽن جي قيمت هن سال جي سڀ کان وڌيڪ سطح 600 رپيا في ڪلو تي پهچي وئي آهي، ٽماٽن جي مٿي وڃڻ سان شهرين کي سخت مشڪلاتن جو سامنو آهي۔
ٻئي طرف فيصل آباد ۾ انتظامي نااهلي سبب دڪاندارن مهانگائي جو بازار گرم رکيو آهي، مٽر ۽ ٽماٽو 500 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن۔
پشاور ۾ ساڳين سبزين جي قيمتن ۾ تيزي آئي آهي۔ ٽماٽن قيمت سچري، ڊبل ۽ ٽرپل سنچري کان پوءِ چوٿين سنچري پار ڪري ورتي آهي۔ پياز به سنچري پار ڪري چڪو آهي۔ ڀينڊي، ٽينڊا، ڪدو ۽ تورئي جهڙيون سبزيون هڪ سئو پنجاهه رپيا في ڪلو کان گهٽ ۾ دستياب ناهن۔
ڪوئٽا ۾ ٽماٽو 300 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، مٽر جي قيمت 400 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي آهي۔ شهر ۾ ٻين سبزين جي قيمتن ۾ پڻ واڌ ٿي آهي۔




