وائٽ هائوس جي ترجمان ڪيئرولين ليوٽ چيو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزه امن منصوبي تي حماس جي ردعمل لاءِ ڳاڙهي ليڪ ڇڪي ڇڏيندا.
واشنگٽن ۾ آمريڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي وائٽ هائوس جي ترجمان چيو ته اسان کي اميد ۽ توقع آهي ته حماس غزه امن منصوبو منظور ڪري وٺندي.
آمريڪي ميڊيا موجب، صدر ٽرمپ سومر ڏينهن غزه امن منصوبي جون تجويزون پيش ڪيون هيون ۽ حماس کي منصوبي تي غور ڪرڻ لاءِ ٽي، چار ڏينهن ڏنا ويا هئا.
ٻئي پاسي، فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزه امن منصوبي ۾ غير مسلح ٿيڻ واري شق ۾ ترميم جو مطالبو ڪيو هو.
فلسطيني ذريعن موجب، حماس جي ڳالهين ڪندڙ وفد منگل ڏينهن دوحه ۾ ترڪ، مصري ۽ قطري اختيارين سان ملاقاتون ڪيون، جتي حماس ڪجهه شقن ۾ ترميم ڪرڻ چاهي ٿي.