KTN News

ٽرمپ جي غزه منصوبي جي آجيان ڪري ٿو پاڪستان

پاڪستاني مندوب عاصم افتخار چيو آهي ته غزه ۾ تڪرار جي خاتمي لاءِ ٽرمپ جي غزه منصوبي جو خيرمقدم ڪريون ٿا، امن معاهدي سان غزه ۾ جنگ جو خاتمو ٿيو آهي۔

سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستاني مندوب عاصم افتخار چيو ته پاڪستان غزه منصوبي واري قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏنو آهي۔

سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندي هن چيو ته بنيادي مقصد غزه ۾ معصوم فلسطينين جي قتلِ عام کي روڪڻ آهي، اسان غزه مان اسرائيلي فوجن جو مڪمل انخلا چاهيون ٿا۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube