KTN News

ٺٽي جي سامونڊي پٽي جي شهر ڳاڙهو ۾ گذريل ڏينهن گم ٿي ويل نوجوان جو لاش هٿ

ٺٽي جي سامونڊي پٽي جي شهر ڳاڙهو ۾ گذريل ڏينهن گم ٿي ويل نوجوان جو لاش هٿ ڪيو ويو.

ڳوٺ آچار خاصخيلي جو رهواسي نوجوان وسند خاصخيلي گذريل ڏينهن کان گم هو جنهن جو اڄ صبح شاخ مان لاش مليو.

علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش پاڻي مان ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان گذريل ڏينهن کان گم هو کيس مرگھي جا دورا به پوندا هئا اڄ سندس لاش مائينر شاخ مان مليو آهي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube