ٺاروشاھ ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مرحوم عبدالحق ڀرٽ جي ستين ورسي ملھائي وئي، جنهن دوران کيس لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
ٺارو شاهه جي ڀرٽ ھائوس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مرحوم عبدالحق ڀرٽ جي ستين ورسـي تقريب ڪوٺائي وئي.
ورسي تقريب ۾ ضلعي ڪائونسل جي وائيس چيئرمين علي شير ڀرٽ، حاجي احمـد نواز ڀرٽ، غلام رسول عرف گڊن ڀرٽ، حاجي غلام شبير ٻاٽ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
تقريب ۾ وڪيل احمد پنھور ۽ ٻين مرحوم عبدالحق ڀرٽ جي زندگي ۽ ڪيل خدمت تي روشني وڌي.
ورسـي تقريب ۾ شھر ۽ ڀرپاسي جي مختلف شخصيتن، وڪيلن، اديبن، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ورسي تقريب دوران نعت خوانيءَ جو به اهتمام ڪيو ويو، جنهن دوران مختلف نعت خوانن نعتون پڙهيون….