KTN News

يومِ يڪجهتي ڪشمير اڄ قومي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهيو آهي۔

ڪراچي : مقبوضه ڪشمير جي مظلوم ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ يومِ يڪجهتي ڪشمير قومي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهيو آهي۔

ڪشمير ۽ پاڪستان جي عوام ۾ ڀائيچارو، محبت، ڀائي چارو، مذهبي ۽ نظرياتي تعلق صديون کان قائم آهي. يومِ يڪجهتي ڪشمير اڄ پاڪستان ۽ آزاد جموں ڪشمير سميت سڄي دنيا ۾ ڀرپور قومي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پيو وڃي۔

اڄ ڏينهن جي شروعات نمازِ فجر کان پوءِ مسجدن ۾ خصوصي دعائن سان ڪئي وئي۔ وفاقي دارالحڪومت اسلام آباد ۾ علامه طاهر اشرفي پاران پرسوز دعائون ڪيون ويون۔

اڄ ڪشمير ۽ پاڪستان کي ملائيندڙ سڀني قدرتي رستن تي انساني هٿن جي زنجير بڻائي مقبوضه ڪشمير جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو۔

پاڪستان سميت آزاد ڪشمير ۾ سرڪاري سطح تي ۽ مختلف سياسي، مذهبي ۽ سماجي تنظيمون جلسا، جلوس، ريليون ۽ سيمينار منعقد ڪري رهيون آهن۔ ريليون ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪستاني ۽ ڪشميري پرچم کڻي پرجوش انداز ۾ “ڪشمير بنے پاڪستان” جا نعره بلند ڪيا۔

جلسن، جلوسن ۽ ريليون ۾ مقررين ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير جي عوام جي آزادي جي جدوجهد تي روشني وجهي، ڪشميري شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو۔

مقررين گڏيل قومن کان مطالبو ڪري رهيا آهن ته هو ڪشميرين سان ووٽ جو حق جو وعدو پورو ڪري، جڏهن ته آزاد جموں ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جو خاص اجلاس به طلب ڪيو ويو آهي۔

واضح رهي ته ڪشمير بين الاقوامي طور تي تسليم ٿيل تڪرار آهي. يومِ يڪجهتي ڪشمير جو مقصد ڪشميري عوام جي حقِ خود اراديت لاءِ پاڪستان جي مستقل حمايت جو اعاده ڪرڻ آهي۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube