اسلام آباد: ضلعي انتظاميا وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.
ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ هر قسم جي اجتماعن تي پابندي لڳائي وئي آهي. جيڪو به قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
واضح رهي ته ايران ۾ سپريم ليڊر علي خامنه اي جي قتل کان پوءِ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ احتجاج شروع ٿي ويا آهن. ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل خاني ۾ احتجاج دوران مظاهرين آمريڪي قونصل خاني جي احاطي ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪئي. ان دوران فائرنگ ۾ 8 ماڻهو مارجي ويا.




