پنجاب حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ جاري تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ وزيرِاعظم شهباز شريف جي هدايت تي وفاقي حڪومت ۽ مسلم ليگ (ن) جو وفد صدر آصف علي زرداري سان ملاقات لاءِ نوابشاهه پهچي ويو۔
صدر آصف علي زرداري سان ملاقات لاءِ نوابشاهه پهچندڙ وفد ۾ وفاقي وزيرِ داخلا محسن نقوي، اسحاق ڊار ۽ اياز صادق شامل آهن۔
حڪومتي وفد وزيرِاعظم شهباز شريف جو پيغام صدر آصف علي زرداري تائين پهچائيندو۔
مسلم ليگ (ن) جي ذريعن موجب، هن اهم ملاقات کان پوءِ سنڌ ۽ پنجاب حڪومت جي وچ ۾ لفظي جنگ ختم ٿيڻ جا امڪان آهن۔
ٻئي پاسي، چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري اهم سياسي فيصلا ڪرڻ لاءِ 18 آڪٽوبر تي پيپلز پارٽي جو سي اي سي اجلاس گهرائي ورتو آهي۔