وفاقي آئيني عدالت ڪڻڪ جي ڪوٽا جي معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ سنڌ حڪومت جي اپيل جي ٻڌڻي ڪئي. سنڌ حڪومت 31 مئي 2023 جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي هئي.
ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سبطين محمود دليل ڏيندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڏنل هدايتون آئين جي دائري ۾ نه آهن. ايڊيشنل اٽارني جنرل منور دگل جو خيال هو ته پاليسي ٺاهڻ ايگزيڪيوٽو جو ڪم آهي، عدالت مداخلت نٿي ڪري سگهي.
جسٽس علي باقر نجفي ريمارڪس ڏنا ته ايگزيڪيوٽو پاليسي ٺاهيندو آهي ۽ ان جو اعلان پاڻ ڪندو آهي. دليل ٻڌڻ کان پوءِ عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو. فلور مل مالڪ ڪڻڪ جي ڪوٽا حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.




