KTN News

وزيراعظم شهباز شريف  جي صدارت ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۽ بحالي جي  قدمن  بابت  اجلاس

وزيراعظم شهباز شريف  جي صدارت ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۽ بحالي جي  قدمن  بابت  اجلاس جي صدارت ڪندي هدايت ڪئي آهي ته هنگامي بنيادن تي متاثر علائقن ۾ نقصانن جو ڪاٿو مڪمل ڪيو وڃي.

وزيراعظم نيويارڪ ۾ يو اين جنرل اسيمبلي کي خطاب کانپوءِ اجلاس طلب ڪيو.

وزيراعظم ٻوڏ متاثرن لاءِ رليف ۽ بحالي جون ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

وزيراعظم  شهباز شريف چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ماڻهن جي بحالي تائين آرام سان نه ويهنداسين،جنرل اسيمبلي ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن تي پاڪستانين جو آواز دنيا تائين پهچايو.

هن چيو ته ملڪ موسمياتي تبديلي سبب ايندڙ قدرتي آفتن کان متاثر ٿي رهيو آهي.

وزير اعظم ،وفاقي وزير احسن اقبال کي امدادي ۽ بحالي جي آپريشن جي نگراني ۽ جائزي جو اجلاس سڏائڻ جي هدايت ڪئي.

وزيراعظم ،چيئرمين اين ڊي ايم اي کي صوبن ۽ پي ڊي ايم ايز کي سهڪار جي هدايت ڪئي..

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube