نيويارڪ : وزيراعظم شهباز شريف بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کان درخواست ڪئي آهي ته هو پنهنجي جائزي ۾ تازي ٻوڏ جي معيشت تي اثر کي شامل ڪري.
بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا نيويارڪ ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن سان همدردي جو اظهار ڪيو. ڪرسٽالينا جارجيوا موثر بحالي جي قدمن لاءِ نقصان جي تشخيص جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي مضبوط ميڪرو اڪنامڪ پاليسين کي لاڳو ڪرڻ جي عزم جي تعريف ڪئي.