KTN News

وزيراعظم بلوچستان ۾ آپريشن “ردالفتنه” جي ڪاميابي تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراجِ تحسين پيش

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان ۾ جاري آپريشن “ردالفتنه” جي ڪامياب تڪميل تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي۔

وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته فتنه الهندوستان طرفان بلوچستان جي امن کي سبوتاژ ڪرڻ جون بڇڙيون ڪوششون ناڪام بڻايون ويون آهن۔

هن چيو ته بلوچستان جي امن ۽ ترقي جي دشمنن جي ڪمر ٽوڙڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز اعليٰ پيشاورانه صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو آهي۔ وزيراعظم آپريشن دوران 216 دهشتگردن کي مارڻ تي فورسز جي همت، بهادري ۽ پيشاورانه مهارت کي ساراهيو۔

شهباز شريف دهشتگردي جي واقعن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 36 معصوم شهرين جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، جڏهن ته آپريشن دوران جامِ شهادت نوش ڪندڙ 22 سيڪيورٽي اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو۔

وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي۔ دهشتگردن طرفان بلوچستان جي امن کي نقصان پهچائڻ جي هر ناپاڪ ڪوشش کي مٽي ۾ ملائيندا رهنداسين۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube