KTN News

واپارين کي گولين سان گڏ ڀتي جون پرچيون اماڻيون پيون وڃن، ڪراچي چيمبر آف ڪامرس

ڪراچي ۾ ڪاروباري برادري کي ڌمڪائڻ ۽ ڊيڄارڻ وارن واقعن ۾ اوچتو اضافو ٿيو آهي۔

ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي سيڪريٽري جنرل طرفان جاري ڪيل ايڊوائزري سرڪولر موجب، ميمبرن کي ڳري ڀتي جون پرچيون گولين سان گڏ موڪليون پيون وڃن۔

هن ميمبرن کي صلاح ڏني آهي ته هو پنهنجي آفيسن ۽ دڪانن تي اعليٰ معيار جا سي سي ٽي وي ڪئميرائون مناسب بيڪ اپ سان لڳائن ۽ انهن کي هفتي جا ستئي ڏينهن، 24 ڪلاڪ فعال رکن ته جيئن سيڪيورٽي کي يقيني بڻائي سگهجي۔

سرڪولر مطابق هي صورتحال شهر جي امن امان لاءِ ڳڻتي جوڳي آهي، ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن ۽ خوف ۽ دهشت جو ماحول پيدا ٿي ويو آهي۔

ڪراچي چيمبر پنهنجن ميمبرن کي خبردار ڪيو آهي ته ڪنهن به مشڪوڪ سرگرمي جي فوري اطلاع لاڳاپيل اختيارين کي ڏين، ڪاروباري طبقن جي تحفظ ۽ استحڪام لاءِ سڀني کي گڏجي سامهون ايندڙ چئلينجن جو مقابلو ڪرڻو پوندو۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube