وزير دفاع خواجه آصف، ڀارت جي اعليٰ سيڪيورٽي استھابليشمنٽ جي اڀڙندڙ بيانن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته هن دفعي ڀارت، ان شاءَ الله، پاڻ پنهنجي جهازن جي ملبي ۾ دفن ٿيندو.
وزير دفاع خواجه آصف ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ڀارتي فوجي ۽ سياسي قيادت جا بيان پنهنجي زمين ۾ ملي ٿي ويل ساک کي بحال ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهن.
خواجه آصف چيو ته ايتري فيصلي ڪندڙ شڪست کان پوءِ، جنهن جو اسڪور 0-6 رهيو، جيڪڏهن ٻيهر ڪوشش ڪئي وئي ته اسڪور پهريان کان به گهڻو خراب ٿيندو.
وزير دفاع جو چوڻ هو ته جيئن ڀارت ۾ عوامي راءِ تاريخ جي بدترين شڪست کان پوءِ حڪومت جي خلاف ٿي وئي ۽ مودي ۽ ان جو ٽولو جيئن پنهنجي ساک وڃائي ويٺو، اهو دٻاءُ قيادت جي بيانن مان ظاهر ٿي رهيو آهي.
خواجه آصف چيو ته پاڪستان الله جي نالي تي ٺهيل رياست آهي، اسان جا محافظ الله جا سپاهيا آهن، هن دفعي ڀارت ان شاءَ الله پنهنجن جهازن جي ملبي ۾ دفن ٿيندو، الله أكبر۔