هالا ڀرسان مسافرخاني مان ھٿ آيل اڻڄاتل نوجوان جي لاش جي سڃاڻپ نه ٿي، پوليس پاران نوجوان کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ بعد کيس قتل ڪرڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي
پوليس موجب مسافر خاني مان هٿ آيل نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن پاران واقعو قتل قرار ڏنو ويو آهي
پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي لاش ڀرسان مليل هڪ ٿيلِي ۾ موٽرسائيڪل جي چاٻي ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو
پوليس خدشو ظاهر ڪيو آهي ته اڻڄاتل جوابدارن نوجوان کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ بعد کيس قتل ڪري لاش مسافر خاني ۾ ڦِٽو ڪيو آهي
پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول نوجوان جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، وارث ظاهر نه ٿيڻ جي صورت ۾ سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو……….