اسلام آباد: سيڪريٽري پاور ڊويزن چيو آهي ته ملڪ ۾ نيٽ ميٽرنگ 6 هزار ميگاواٽ تائين پهچي وئي آهي ۽ گرڊ تي نيٽ ميٽرنگ جو لوڊ وڌڻ سان سسٽم جي استحڪام کي خطرو آهي۔
قومي اسيمبلي جي قائمہ ڪميٽي پاور ۾ بريفنگ ڏيندي سيڪريٽري پاور ٻڌايو ته سولر سبب گرڊ سسٽم تي بوجهه آهي، نيٽ ميٽرنگ انقلاب برپا ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان ۾ نيٽ ميٽرنگ 6 هزار ميگاواٽ تائين پهچي وئي آهي۔
هن چيو ته آف گرڊ سولر جي صلاحيت 12 هزار ميگاواٽ کان وڌي وئي آهي، آف گرڊ سولر جو اندازو سيٽلائيٽ تصويرن جي ذريعي لڳايو ويو آهي، گرڊ تي نيٽ ميٽرنگ جو لوڊ وڌڻ سان سسٽم جي استحڪام کي خطرو آهي، تنهن هوندي به ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ملڪ کي لوڊ شيڊنگ کان پاڪ بڻايو وڃي۔
سيڪريٽري پاور چيو ته گرڊ ۽ نيٽ ميٽرنگ مان پيدا ٿيندڙ بجلي جو موازنہ نٿو ٿي سگهي، گرڊ بجلي ۾ 14 رپيا ڪيپيسٽي ۽ 9 رپيا ٽيڪس شامل آهن جڏهن ته نيٽ ميٽرنگ مان پيدا ٿيندڙ بجلي سستي آهي۔




