آءِ سي سي نئين رانديگرن جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، پاڪستاني رانديگرن جي پوزيشن ۾ نمايان بهتري آئي آهي.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ٽي 20 ۽ ون ڊي فارميٽ لاءِ تازي رانديگرن جي رينڪنگ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي پاڪستاني رانديگرن جي رينڪنگ ۾ نمايان بهتري آئي آهي.
ٽي 20 فارميٽ ۾، صاحبزاده فرحان 8 درجا مٿي چڙهڻ کانپوءِ ٽاپ فور ۾ شامل ٿي ويو آهي، هو چوٿين نمبر تي آهي. بابر اعظم پنج درجا مٿي چڙهڻ کانپوءِ 29 هين نمبر تي پهچي ويو آهي.
ٽي 20 آل رائونڊرز جي فهرست ۾، زمبابوي جو سڪندر رضا پهرين نمبر تي آهي. پاڪستان جو نوجوان ڪرڪيٽر صائم ايوب هڪ درجا هيٺ ڪري ٻئي نمبر تي پهچي ويو آهي. آل رائونڊرز ۾، محمد نواز هڪ درجا مٿي ڪري ستين نمبر تي پهچي ويو آهي.
ٽي 20 بالنگ رينڪنگ ۾، محمد نواز 14 درجا مٿي ڪري 13 هين نمبر تي پهچي ويو آهي.
هندستان جو روهت شرما ون ڊي بيٽسمينن جي رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي برقرار آهي، جڏهن ته نيوزي لينڊ جو ڊيرل مچل ٻئي نمبر تي پهچي ويو آهي.
پاڪستان جو بابر اعظم ون ڊي ۾ ڇهين نمبر تي برقرار آهي. افغانستان جو راشد خان آءِ سي سي ون ڊي بالرن جي رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي برقرار آهي. پاڪستاني اسپنر ابرار احمد به پنهنجي نائين نمبر تي برقرار رهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.




