مٽياري ۾ سيکاٽ ڀرسان بچاء بند وٽ نوجوان جو مبينا طور ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو
اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارراوئي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو
پوليس جو چوڻ هو ته فوتي نوجوان جي سڃاڻپ خدا بخش ڇوهاڻي طور ٿي آهي، سندس لاش ڦاهو کاڌل حالت ۾ هٿ ڪيو ويو آهي
پوليس موجب نوجوان جي موت جو اصل ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، جنهن بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.




