پاڪستان جي ٽيليڪام شعبي لاءِ وڏي خوشخبري سامهون اچي وئي، ملڪ جو پهريون مصنوعي ذهانت تي هلندڙ انرجِي اسٽوريج منصوبو مڪمل ٿي ويو.
برِيلانز گروپ جي ڪمپني انفراليڪٽرڪ پاڪستان ۾ پهريون ڀيري مصنوعي ذهانت (AI) تي هلندڙ 25 ميگا واٽ في ڪلاڪ انرجِي اسٽوريج منصوبو مڪمل ڪري ورتو آهي، ساڳئي وقت ٽيليڪام شعبي لاءِ پهريون ڀيرو گرين سڪوڪ بانڊ پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد ۾ ٿيل تقريب ۾ ٽن ارب رپين جي ماليت جو گرين سڪوڪ بانڊ ۽ 25 ميگا واٽ في ڪلاڪ صلاحيت رکندڙ اِي ساس منصوبي جي رونمائي ڪئي وئي. اهو منصوبو ٽيليڪام ٽاورز جي توانائي نظام کي جديد بڻائيندو، جنهن سان ڊيزل جي استعمال ۾ جوڳي گهٽتائي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ٿيڻ ۾ گهٽتائي ممڪن بڻبي.
برِيلانز گروپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر بلال قريشي چيو ته: ”اڄوڪو ڏينهن پاڪستان جي ڊجيٽل ۽ توانائي واري مستقبل لاءِ تاريخي لمحو آهي. ٿنڊر AI تي هلندڙ ESaaS سسٽم ۽ ٽيليڪام لاءِ پهريون گرين سڪوڪ بانڊ جاري ڪرڻ سان اسان ثابت ڪيو آهي ته جدت ۽ پائيداري گڏجي ترقي جي راهه هموار ڪري سگهن ٿا.
هن چيو ته اسان مستقبل ۾ به اهڙن ديرپا منصوبن ۾ سيڙپڪاري جاري رکنداسين.“

وزيراعظم جي ڊجيٽل ميڊيا خاص معاون ۽ مملڪتي وزير فهد هارون چيو ته ملڪ جو پهريون 25 ميگا واٽ في ڪلاڪ AI تي هلندڙ انرجِي اسٽوريج منصوبو مڪمل ٿيڻ ۽ ٽيليڪام لاءِ گرين سڪوڪ جاري ٿيڻ هڪ اهم سنگ ميل آهي.
حڪومت ٽيڪنالاجي ۽ پائيداري جي گڏيل ڪوششن ذريعي ملڪ جي ڊجيٽل مستقبل جي تعمير ۽ ترقي لاءِ مڪمل حمايت ڪندي.

انفرا ضامن پاڪستان جي سي اي او ماهين رحمان چيو ته گرين سُڪوڪ جهڙا قدم ٽيليڪام شعبي کي جديد ۽ پائيدار بڻائڻ سان گڏ ڪاربان خارج ڪرڻ ۾ گهٽتائي ۽ معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندا.