KTN News

مقامي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ 7 هزار 700 رپيا في تولو واڌ

عالمي ۽ مقامي سون مارڪيٽن ۾ سون جي قيمت ۾ هڪ ٻي وڏي واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، مقامي مارڪيٽ ۾ في تولو سون جي قيمت ۾ 7,700 رپين جو وڏو اضافو ٿيو آهي.

آل پاڪستان صرافه جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، پاڪستان ۾ في تولو 24 قيراط سون جي قيمت 7,700 رپين جي واڌ سان 436,562 رپيا ٿي وئي آهي. ان کان علاوه، 10 گرام سون جي قيمت 6,601 رپين جي واڌ سان 374,281 رپيا ٿي وئي آهي.

جڏهن ته في تولو چاندي جي قيمت پڻ 152 رپين جي واڌ سان 5,422 رپيا ٿي وئي آهي. ٻئي طرف، عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 77 ڊالر مهانگو ٿي 4,142 ڊالر ٿي ويو آهي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube