مسجد نبوي ﷺ ۾ قرآن پاڪ پڙهائيندڙ پاڪستاني نژاد مدرس شيخ بشير احمد صديقي لاڏاڻو ڪري ويو۔
جامعه اشرفيه لاهور جي ترجمان مطابق، مسجد نبوي جي مدرس شيخ بشير احمد صديقي جي نمازِ جنازه مسجد نبوي ﷺ ۾ ادا ڪئي وئي۔
ترجمان موجب، شيخ بشير احمد صديقي کي جنت البقيع ۾ سپردِ خاڪ ڪيو ويو۔
شيخ بشير احمد صديقي گذريل 60 سالن کان وڌيڪ عرصي کان مسجد نبوي ﷺ ۾ قرآن پاڪ جي تعليم ڏئي رهيا هئا۔
شيخ بشير احمد صديقي پنهنجي سڄي زندگي قرآن پاڪ جي تعليم، تبليغ ۽ خدمت ۾ گذاري۔ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ انهن جا شاگرد موجود آهن۔