ڀارتي حڪمران پارٽي بي جي پي بهار اليڪشن کان اڳ مذهبي ڪارڊ کيڏڻ لڳي، وفاقي وزير ڀارتي مسلمانن کي ’نمڪ حرام‘ چئي ڇڏيو۔
73 ورهين جي گري راج سنگهه بهار ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪندي مسلمانن بابت چيو: “اسان نمڪ حرامن کان ووٽ وٺڻ نٿا چاهيون.”
مرڪزي حڪومت جي وزير جو هيءُ بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن کان پوءِ بهار اليڪشن دوران نئون تڪرار پيدا ٿي ويو آهي۔
هڪ وائرل وڊيو ۾ گري راج سنگهه ڀارتي اقليتي برادري کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته مختلف سرڪاري اسڪيمَن مان فائدو وٺڻ باوجود، اهي بي جي پي کي ووٽ نٿا ڏين۔




