KTN News

محمد رضوان جو قومي ون ڊي ٽيم ۾ ڪپتان طور مستقبل جو فيصلو اڄ ڪيو ويندو۔

لاهور: وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان جي بطور ڪپتان قومي ون ڊي ٽيم ۾ مستقبل جو فيصلو اڄ ٿيندو۔

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (PCB) اڄ سيلڪشن ۽ ايڊوائزري ڪميٽي جو گڏيل اجلاس گهرايو آهي، جنهن ۾ محمد رضوان کي ڪپتان برقرار رکڻ يا نه رکڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو۔

هيڊ ڪوچ مائڪ هيسن جي سفارش تي قومي ون ڊي ٽيم جي قيادت بابت اجلاس سڏايو ويو آهي، گڏيل اجلاس ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف ون ڊي سيريز لاءِ نئين ڪپتان جو فيصلو ڪيو ويندو۔

ذريعن موجب، شاهين آفريدي ۽ سلمان علي آغا قومي ون ڊي ٽيم جي ڪپتاني جا اميدوار آهن، جڏهن ته محمد رضوان کي گذريل سال 27 آڪٽوبر تي قومي ون ڊي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو هو۔

محمد رضوان پاڪستان ون ڊي ٽيم جي قيادت ڪندڙ 31هون ڪپتان بڻيو، جنهن جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان آسٽريليا کي 22 سالن بعد آسٽريليا ۾ سيريز ۾ شڪست ڏني هئي۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube