KTN News

ليجنڊ ٽرسٽ فنڊز ۾ ڪروڙين روپين جي فراڊ جي اينٽي ڪرپشن جاچ ڪئي ويندي، سنڌ جو وزير ثقافت

سنڌ جي ثقافت واري وزير ذوالفقار شاهه چيو آهي ته ليجنڊ ٽرسٽ جو ڪم مستحق فنڪارن ۽ اداڪارن جي مالي مدد ڪرڻ آهي۔ هن وقت تائين 6 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ رقم ڌوڪي سان ڪڍڻ جي ڄاڻ ملي آهي۔

سنڌ جي ثقافت واري وزير ذوالفقار علي شاهه چيو آهي ته هي ٽرسٽ گورنر هائوس جي نگراني هيٺ ڪم ڪري ٿو، جعلسازي ذريعي ثقافت کاتي جو ليٽر هيڊ استعمال ڪيو ويو آهي۔

ذوالفقار علي شاهه جو چوڻ هو ته بئنڪ مان چيڪ بُڪ ڪڍرائي روڪ رقم ڪڍي وئي، هن خردبرد سان غريب ۽ مستحق فنڪارن جي حق تي ڌاڙو هنيو ويو آهي۔

هن چيو ته جاچ سان بئنڪ ۽ سرڪاري ملازمن جي ملي ڀڳت سامهون ايندي، وزيراعليٰ ۽ چيف سيڪريٽري کي ليجنڊ ٽرسٽ فنڊ ۾ چوري بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube