ڪراچي ڏکڻ جي جوڊيشل مجسٽريٽ جي عدالت ۾ قيوم آباد علائقي مان گرفتار ٿيل جوابدار شبير احمد پاران ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن سان زيادتي ڪرڻ جو اعترافي بيان جا وڌيڪ تفصيل سامهون اچي ويا.
عدالتي ٻڌڻي دوران جوابدار اعتراف ڪيو ته هو هر هڪ ٻارڙي کي ڪيترائي ڀيرا زيادتي جو نشانو بڻائيندو رهيو.
عدالت موجب جوابدار جا اعترافي بيان 6 مختلف ڪيسن ۾ رڪارڊ ڪيا ويا.
جوابدار پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته هو ٻارن ۽ ٻارڙين کي پيسن جي لالچ ڏئي گهرائيندو هو ۽ پوءِ کين ڪڏهن ويران هنڌن تي ته ڪڏهن ڪنهن ڪمري اندر وٺي وڃي زيادتي ڪندو هو.
شبير احمد اهو به اعتراف ڪيو ته هو زيادتي دوران وڊيوز پڻ تيار ڪندو رهيو.
جوابدار عدالت اڳيان اعتراف ڪندي چيو ته “مان پنهنجي ڪيل عمل تي شرمسار آهيان.”.
ٻڌڻي دوران عدالت جواب جا سڀ اعترافي بيان پڙهي ٻڌايا، جنهن تي هن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو.
جوڊيشل مجسٽرٽ موجب جوابدار شبير احمد پنهنجو ڏوهه قبول ڪري ورتو آهي ۽ ڪيسن ۾ وڌيڪ ڪارروائي جاري آهي.