KTN News

قومي اسيمبلي جي 5 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 7 اميدوارن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري

اليڪشن ڪميشن ضمني چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي پنج ۽ صوبائي اسيمبلي جي ست تڪن مان ڪامياب اميدوارن جي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن.

طلال چوڌري جي چونڊ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي سبب اين اي 96 مان بلال چوڌري جو نوٽيفڪيشن روڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، اين اي 18 هري پور مان بابر نواز خان، اين اي 104 فيصل آباد مان دانيال احمد، اين اي 129 لاهور مان محمد نعمان، اين اي 143 ساهيوال مان محمد طفيل ۽ اين اي 185 ڊيرا غازي خان مان محمود قادر خان جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

ان کان علاوه پي پي 73 سرگوڌا مان ميان سلطان علي رانجها، پي پي 87 ميانوالي مان علي حيدر نور خان، پي پي 98 فيصل آباد مان آزاد علي تبسم، پي پي 115 فيصل آباد مان محمد طاهر پرويز، پي پي 116 فيصل آباد مان احمد شهير، پي پي 116 فيصل آباد مان احمد شهير، پي پي 2 مان محمد حنيف ۽ 3 مان محمد حنيف ميمڻ شامل آهن. پي پي 269 مظفر ڳڙهه تان ڪامياب قرار ڏنو ويو.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube