KTN News

قصور: زيادتي جي الزام هيٺ آيل ڪانسٽيبل جي آزادي تي عورت پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي

قصور ويجهو هڪ عورت پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ ان کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

عورت جي مڙس چيو ته سندس زال هڪ پوليس ڪانسٽيبل خلاف ڪيس داخل ڪيو ۽ انصاف نه ملڻ تي پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي.

ٻئي طرف، پوليس ترجمان چيو ته متاثره عورت 2022 ۾ پوليس ڪانسٽيبل رفيق خلاف زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو هو، جنهن تي کاتي ملزم رفيق کي نوڪري مان برطرف ڪري ڇڏيو هو.

پوليس ترجمان موجب، عدالت اڄ ڊي اين اي ميچ نه ٿيڻ سبب ملزم ڪانسٽيبل رفيق کي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو، جنهن تي متاثره اپيل ۾ وڃڻ بدران پاڻ تي پيٽرول هاري خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

پوليس ترجمان چيو ته ڊي پي او محمد عيسيٰ خان ايس پي انويسٽيگيشن کي جاچ لاءِ حڪم جاري ڪيا آهن. جيڪڏهن واقعي ۾ جاچ آفيسر جي ملوث هجڻ جو ثبوت مليو ته کاتيوار ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube