آبپاشي، رٿابندي ۽ ترقي جي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته مڪمل فنڊنگ واريون 344 اسڪيمون هلندڙ مالي سال دوران مڪمل ڪيون وڃن،وڏين وفاقي فنڊيڊ اسڪيمن ۾ سنڌ ڪوسٽل هاءِ وي، روهڙي گڊو بيراج روڊ شامل آهن.
ترقياتي اسڪيمن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڄام خان شورو هدايت ڪئي ته حيدرآباد ۾ محترما بينظير ڀٽو جي نالي سان تعمير ٿيندڙ اوور هيڊ برج جلد مڪمل ڪئي وڃي.
وزير کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ورڪس سروسز تحت 622 اسڪيمون شامل آهن، جن مان 573 جاري ۽ 48 نيون آهن.
بريفنگ ڄاڻايو ويو ته 2017 جون منظور ڪيل اسڪيمون هاڻ ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پرڏيهي فنڊيڊ منصوبن ۾ صرف هڪ وڏو منصوبو شامل آهي…