فلسطين کي تسليم ڪرڻ حماس لاءِ انعام هوندو، گڏيل قومن عالمي تڪرارن کي حل ڪرائڻ جي ڪڏهن به ڪوشش ئي ناهي ڪئي،
فلسطين رياست قائم ٿيڻ گهرجي پر ان ۾ حماس جو ڪردار نه هجڻ گهرجي، حماس کي سمورا يرغمالي آزاد ڪرڻا پوندا، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته مون پاڪ ڀارت جنگ سميت 7 جنگيون روڪرائي لکين زندگيون بچايون،
جنگبندي جي عمل دوران گڏيل قومن رابطو نه ڪيو، اهو ادارو پنهنجي مقصدن موجب ڪم نه پيو ڪري. يو اين او ۾ سڌارا آڻڻ چاهيان ٿو، ايراني ائٽمي ٿاڪ آمريڪا تباهه ڪيا، هاڻي ايران کي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي اجازت نه ڏينداسين، ڀارت يوڪرين جنگ جو سڀ کان وڏو سهولتڪار آهي، ڀارت روس کان تيل خريد ڪري پيوٽن کي مضبوط ڪري پيو، جيڪڏهن مان ان وقت صدر هجان ها ته يوڪرين جنگ به نه ٿئي ها.




