KTN News

غير قانوني طور تي رهندڙ افغان شهرين بابت معلومات فراهم ڪندڙ لاءِ نقد انعام جو اعلان

پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته غير قانوني طور تي رهندڙ افغان شهرين بابت معلومات فراهم ڪندڙ کي نقد انعام ڏنو ويندو.

هن چيو ته پنجاب ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ افغان ۽ پرڏيهي شهرين خلاف آپريشن جاري آهي، هن چيو ته غير قانوني طور تي رهندڙ افغانين بابت معلومات فراهم ڪندڙ کي نقد انعام ڏنو ويندو.

صوبائي اطلاعات واري وزير چيو ته ٽن هفتن ۾ 6,220 افغانين کي انهن جي ملڪ واپس موڪليو ويو، ڪيترن ئي شهرين ويسلز بل تحت حڪومت کي صحيح معلومات فراهم ڪئي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube