KTN News

عوامي مسئلن جي ڄاڻ ۽ حل لاءِ ملاقاتون جاري رهڻ گهرجي, پيپلزپارٽي اڳواڻ راول شرجيل انعام ميمڻ

 پيپلزپارٽي اڳواڻ راول شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عوامي مسئلن جي ڄاڻ ۽ حل لاءِ ملاقاتون جاري رهڻ گهرجي

سنڌ ميمڻ اتحاد پاران سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ۾ ڪوٺايل گڏجاڻي کي خطاب دوران راول شرجيل ميمڻ، ميمڻ برادري جي ترقياتي منصوبن جو اعلان پڻ ڪيو

گڏجاڻي کي خطاب ڪندي راول شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته عوام جي جائز مسئلن جي حل لاءِ اسان جا دروازا هميشه کليل آهن

راول شرجيل ميمڻ ڪي ٽي اين نيوز کي ٻڌايو ته سنڌ ميمڻ اتحاد جي سمورن دوستن کي پابند ڪيو آهي ته هو پنهنجي پنهنجي برادري جي ماڻهن لاءِ ترقياتي ڪم ڪرائن

راول شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته ايندڙ هفتي هڪ نئون پراجيڪٽ شروع ڪيو ويندو، جنهن جو مقصد پنهنجي مدد پاڻ تحت سنڌ جي ميمڻ برادريءَ جي دوستن لاءِ ترقياتي اسڪيمون مهيا ڪرڻ آهي

نوڪرين بابت ڳالهائيندي راول شرجيل ميمڻ چيو ته نوجوانن کي اها صلاح ڏيان ٿو ته هو نوڪرين لاءِ اپلاءِ ڪن، جيئن هو ميرٽ تي پاس ٿي پنهنجي گهرن جي گذر سفر ڪري سگهن

راول شرجيل ميمڻ وڌيڪ ٻڌايو ته ايندڙ هفتي ٺٽي ضلعي ۾ ڪنووڪيشن منعقد ڪيو ويندو، جنهن جو مقصد ميمڻ برادريءَ جي ماڻهن جا مسئلا ٻڌي انهن کي حل ڪرڻ آهي……….

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube