KTN News

شاهه لطيف ٽائون ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 17 ورهين جي ڇوڪري حياتي وڃائي ويٺي

ڪراچي جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 17 ورهين جي ڇوڪري حياتي وڃائي ويٺي، جڏهن⁠ ته پوليس واقعي ۾ ملوث مامي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ريسڪيو ذريعن موجب فائرنگ جو واقعو شاهه لطيف ٽائون سيڪٽر 20 ۾ پيش آيو.

 پوليس ٻڌايو ته فوت ٿيندڙ ڇوڪريءَ فاطمه پنهنجي مامي جي گهر شادي جي تقريب ۾ آيل هئي.

  ڇوڪريءَ جي مامي نثار پهريان گهٽيءَ ۾ ۽ پوءِ گهر اندر به فائرنگ ڪئي.

پوليس موجب فائرنگ دوران ڪچن ۾ بيٺل فاطمه کي ڳچيءَ ۾ گولي لڳي، جيڪا سندس موت جو سبب بڻي. واقعي واري هنڌ پوليس ٽي بور پستول جا  خالي خول تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولا جي وارثن بيان ڏنو آهي ته گهر ۾ شادي جي تقريب جاري هئي، ڇوڪري ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺي هئي، سمجهيو ويو ته هوءَ سمهي پئي آهي، پر تقريب ختم ٿيڻ کانپوءِ جڏهن کيس جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اها ڪري پئي ۽ فوت ٿي وئي…

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube