KTN News

سڪيورٽي فورسز ڪوئيٽا ۾ ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائيندي 6 آپگهاتي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو

سڪيورٽي فورسز ڪوئيٽا ۾ ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائيندي 6 آپگهاتي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو ، سڪيورٽي فورسز موجب دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي سميت  ايف سي هيڊ ڪوارٽر ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته فورسز بروقت ڪارروائي ڪندي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو، ڌماڪي جي نتيجي ۾ ايف سي اهلڪارن سميت  10 شهري به مارجي ويا.

ڪوئيٽا جي علائقي ماڊل ٽائون ۾ خوجڪ روڊ تي دهشتگرد بارود سان ڀريل گاڏي سميت ايف سي هيڊڪوارٽر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.

سڪيورٽي فورسز بر وقت ڪارروائي ڪندي آپگهاتي بمبار سميت 6 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.

سڪيورٽي فورسز موجب خودڪش ڌماڪي ۾ ايف سي اهلڪارن سميت  10 بيگناهه شهري به شهيد ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي به ٿي پيا.

صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ايف سي هيڊ ڪوارٽي تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندا.

صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف بروقت ڪارروائي ڪري دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي  ايف سي جي جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي ……

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube